سمون خليفو ابن اوڙاهه

سمون، خليفو ابن اوڙاهه: صوفي شاهه عنايت شهيد جي مريدن ۽ خليفن ۾ نامور مريد ۽ خليفو ٿي گذريو آهي. هي خليفو سدائين صوفياڻي رنگ ۾ رهندو هو ۽ تمام وڏي مرتبي وارو هو. هن جو اصل ڳوٺ ٽنڊي الهيار ويجهو آهي، جتي اڄ به سندس گادي نشين ٿيندا اچن. هن خاندان جا اڄ به هندو مريد ۽ معتقد آهن. ابن اوڙاهه سمي جي قبر جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت شهيد جي مقبري جي اوڀر، اتر ۾ آهي، جتي هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. شاهه عنايت شهيد جي ميلي وقت به هن خليفي جو گادي نشين پنهنجي مريدن سميت سندس قبر تي اچي ٻاري ٺاهي ويهندو آهي، جتي صوفياڻو راڳ هلندو رهندو آهي ۽ انهيءَ موقعي تي هندو توڙي مسلمان مريد فقير ڏاڍي محبت، نياز ۽ نوڙت سان گڏ ويهندا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو